ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادارو آهي، هي مختلف زبانن ۾ ??بر??ن ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائي ٿو. اها ڳالهه هن پي بي سي جي ڪراچي آفيس جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري و??اقي سيڪريٽري چيو ته ??يڊ??و پاڪستان جا مسئلا بشمول رهتن، پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جا مسئلا ۽ انهن جي حل جي لاءِ لاڳاپيل فورم تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن چيو ته حڪومت انهن ادارن کي مالي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي جن جا خرچ وڌيڪ آهن. ??يڊ??و پاڪستان تي بجلي جي يوٽيلٽي بلن جو بار به بحث هيٺ آهي ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ پاور ڊويزن کي آن بورڊ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي و??ندي. هن چيو ته اڳ ۾ پينشنرز پنهنجي پينشن جي دير سان ادائگي سبب متاثر ٿيندا هئا پر هاڻي پينشنرز کي انهن جي پينشن وقت سر ادا ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري سيڪريٽري ??يڊ??و پاڪستان ۽ ان جي ملازمن جي بهتري جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي جنهن ۾ سرڪاري اسڪيل کي اختيار ڪرڻ ۽ ٻيا شامل آهن. شاهيره شاهد چيو ته ??يڊ??و جي ٽرانسميٽرز کي پڻ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن بنا رڪاوٽ ٽرانسميشن کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ اداري جي نشريات کي سينٽرلائز ڪرڻ جي لاءِ روات، اسلام آباد ۾ هڪ سيٽ اپ قائم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ملازمن کي طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تنظيمي سطح تي پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ??يڊ??و پاڪستان جي ملڪيتن کي اداري جي بهتري ۽ ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪالهه جمعي ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) جي بيورو آفيس ڪراچي جو پڻ دورو ڪيو، بيورو آفيس جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ بيورو چيف اطلاعات واري و??اقي سيڪريٽري کي بيورو جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري و??اقي سيڪريٽري پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي عمارت پهتي ۽ نيو براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر پي بي سي، پي آءِ ڊي جا سينيئر آفيسر، بيورو چيف اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جا آفيسر پڻ اطلاعات واري سيڪريٽري سان گڏ هئا. بعد ۾ هن اي پي پي بيورو آفيس جي مختلف سيڪشنز، اي بي سي، ريديو پاڪستان ۽ فشريز ڊپارٽمينٽ جي آفيسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسن جي آفيسرن اطلاعات واري سيڪريٽري کي بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري سيڪريٽري جو پي بي سي بلڊنگ اچڻ تي ??يڊ??و پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي ٻين سينيئر آفيسرن شاندار استقبال ڪيو.
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادارو آهي: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر