اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدر ۽ ايراني ??انون واري وزير امين حسين رحيمي ??لاقات ڪئي. جنهن ۾ سيڪيورٽي تعاون، دهشتگرديءَ جي خاتمي، اسمگلنگ، بارڊر مئنجمينٽ، پاڪستاني زائرين لاءِ سهولتون ۽ قيدين جي مٽاسٽا سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته ايراني صدر جو دؤرو پاڪستان ٻه طرفن ناتن جي حو??لي سان انتهائي اهم آهي، پاڪستاني ??وم ايراني صدر ۽ ان جي وفد جو پاڪستان ۾ آڌرڀاءُ ڪري ٿو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن طرفان دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي، ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل تي اتفاق ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گڏيل معاونت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ انٽيليجنس ڄاڻ جي مٽاسٽا تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي معاهدي تي جلد کان جلد صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ اربعين جي موقعي تي پاڪستاني زائرين ک?? هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ايراني گهرو وزير ان سلسلي ۾ پاڪستاني ??م منصب کي ايران جي دؤري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي عراقي هم منصب کي به دعوت ڏني ??يندي. گهرو وزير ايران جي دؤر جي دعوت تي پنهنجي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو، ٻنهي طرفن جي قيدين جا ڏنڊ معاف ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير چيو ته اسملنگ ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي نقصان جو سبب آهي، اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ بارڊر مئنجمينٽ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل واپاري رابطن کي هٿي ملندي. ايراني ??زير چيو ته پاڪستان بارڊر جي فينسنگ جي حو??لي سان بهترين ڪم ڪيو آهي. گهرو وزير ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني ??ؤقف جي تائيد تي ايراني حڪومت جو ٿورو مڃيو. ايراني ??م منصب ڊاڪٽر احمد وحيدي ۽ ايراني ??انون واري وزير امين حسين رحيمي ??اڪستان جي دؤري تي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازيءَ تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان ايراني هم منصب ۽ قانون واري وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا