اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته ملاقات ڪئي جنهن ۾ عراق ويندڙ پاڪستاني ??ائرين کان داخلا پاسپورٽ نه وٺڻ، اربعين جي موقعي تي ٽريول ايجنٽن بدران عراقي سفارتخاني ??رفان پاڻ زائرين کي وي??ا جاري ڪرڻ، اربعين جي ڪوٽا ۾ اضافي ۽ خصوصي اڏامن جي شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته هلندڙ سال گذريل سال کان وڌيڪ وي??ا جاري ڪيا ويندا، زائرين جي وڌيڪ سهولتن لاءِ ڪراچي ۾ عراقي قونصل??ٽ کي ٻيهر اوپن ڪرڻ لاءِ اڄ ئي سمورا معاملا حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته گهرو وزارت ان ڏس ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اربعين جي موقعي تي پاڪستاني ??ائرين لاءِ وي??ا فيس ختم ڪرڻ لاءِ گهرو وزير پنهنجي عراقي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪندو. ملاقات ۾ عراق ۾ قيد پاڪستانين جي وطن واپسي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته زائرين کان وڌيڪ فيس چارج ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو ويندو. ملاقات ۾ ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽ تي وي??ا جي ڇوٽ جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي زائرين جي سهولت لاءِ قدمن تي عراقي گهرو وزير ۽ عراقي سفير جو ٿورو مڃيو. گهرو وزير چيو ته هوائي سفر ذريعي عراق ويندڙ زائرين کان پاسپورٽ نه وٺڻ جي فيصلي سان وڏي سهولت ملندي. عراقي سفير چيو ته پاڪستاني ??ائرين کي ٻين ملڪن جي برابر سهولتن جي فراهمي يقيني ??ڻائي ويندي. عراقي سفير عراق جي گهرو وزير طرفان گهرو وزير محسن نقوي کي عراق جي دوري جو دعوت نامو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني ??ائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير محسن نقوي فوري طور تي ايوي ايشن واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رابطو ڪيو جنهن ۾ عراقي ايئر لائين کي اڄ کان ئي خصوصي اڏامون هلائڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. عراقي ايئر لائن کي اڄ ئي باضابطه طور تي خصوصي اڏمون هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي. پي آءِ اي جون به خصوصي اڏامون عراق لاءِ هلايون وينديون. حتمي شيڊول اڄ تائين جاري ڪيو ويندو.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد