اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر ب??نچ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظ??ثاني اپيلن تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ طرفان بئريسٽر علي ظفر دليل ڏنا، جڏهن ته بع?? ۾ هن ب??نچ جي جوڙجڪ تي اعتراض واريندي ٻُڌڻيءَ جو حصو بڻ??ڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پ پ طرفان فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا. چيف جسٽس نظ??ثاني اپيل جو فيصلو ٻُڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نظ??ثاني اپيل گڏيل طور تي منظور ڪئي وڃي ٿي، ڪيس جو تفصيلي فيصلو بع?? ۾ جاري ڪيو ويندو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي ڪيس تي جسٽس مظهر علي عالم جو اختلافي نوٽ 30 جولاءِ تي آيو، جڏهن ته ب??نچ جي اڪثريت تفصيلي فيصلو 14 آڪٽوبر تي جاري ڪيو، جسٽس مظهر عالم کي پنهنجي ذميدارين جو احساس هو. جسٽس جمال خان مندو خيل ريمارڪس ڏنا ته اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ووٽ وِجهڻ ۽ شمار ٿيڻ ۾ فرق آهي، ڇا آئين ۾ ووٽ وِجهڻ ۽ شمار ٿيڻ جو فرق لکيل آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻُڌايو ته آرٽيڪل 63 اي تي فيصلو تڪرارن سان ڀرپور آهي، هڪ طرف چيو ويو ووٽ بنيادي حق آهي، گڏوگڏ ئي بنيادي حق پارٽي جي هدايت تي ختم به ڪري ڇڏيو. پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته حسبه بل ڪيس موجب ريفرنس تي راءِ جنهن گُهري ان تي راءِ جي پابندي لازم آهي. چيف جسٽس پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن صدرِ مملڪت راءِ تي عمل نه ڪري ته ڇا ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالت صدرِ مملڪت خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. فاروق ايڇ نائيڪ انڪاري ميمبر بابت پي ٽي آءِ جي عائشه گلالئي ڪيس جو حوالو ڏنو. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 63 اي ڪيس ۾ اقليتي ججن جو فيصلو پهرين جا??ي ٿيو. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظ??ثاني ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي گڏيل طور تي نظ??ثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون.
سپريم ڪورٽ پاران آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی