اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومت?? سربراهن وا??ي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪمانستان جي ڪابينه جو نائب چيئرمين راشد ميريدوف گذريل ڏينهن اس??ام آباد پهچي ويو آهي. اس??ام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ ٻين اعليٰ اختي??ري?? سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارڙن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خيرسگالي جون ڳالهيون ٿيون. ترڪمانستان جي ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد ميريدوف سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ