اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ موسمياتي تبديلين جي قدمن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لا??ِ فنانسنگ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالرن جي معاهدي تي صحيحُون ڪري ڇڏيُون آهن. معاهدو ڪلائيميٽ اينڊ ڊزاسٽر ريزيلينس اينهانسمينٽ پروگرام تحت ڪيو ويو آهي. معاهدي تي صحيحن و??ري تقريب اقتصادي معاملن و??ري وزارت ۾ منعقد ٿي. ان کان اڳ اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيمه ان معاهدي جي منظوري ڏني هئي. اقتصادي معاملن و??ري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ پاڪستان ۾ ا??شيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافان معاهدي تي صحيحي ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ اي ڊي بي جا سينئر عملدار پڻ موجود هئا. وفاقي وزير احد خان چيمه چيو آهي، ته معاهدي سان پاڪستان جي موسمياتي تبديلين جي قدمن کي ترجيح ڏيڻ ۽ ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ کي هڪ مربوط حڪمت عملي تحت وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وزارت جي سيڪريٽري ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ان موقعي تي چيو ته معاهدي جو مقصد پاڪستان جي موسمياتي تبديلين سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ جي صل??حي??ن کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته پروگرام جو بنيادي مقصد اداراجاتي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ آهي ته ??يئن ڊزاسٽر رسڪ ميپنگ، رسپانس ڪو آرڊينيشن ۽ صنفي حساسيت تي ٻڌل سرڪاري سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻي سگهجي. معاهدي تحت پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لا??ِ مالياتي ۽ فني معاونت فراهم ڪئي ويندي جنهن ذريعي خطرن جو اثرائتي انداز ۾ ڪاٿو لڳائي سگهبو. ان کي منهن ڏيڻ لا??ِ مربوط قدم کڻي سگهبا.
پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران موسمياتي تبديلي جي قدمن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنانسنگ جي 50 ڪروڙ ڊالر جي معاهدي تي صحيحُون
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری