اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چي?? آهي ته ڪرپشن کان پاڪ معاشري جي جوڙجڪ لاءِ اسان کي اجتماعي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، اسان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سخت احتسابي ??دمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ گورننس ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار هن ب??عن??اني جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چي?? ته اڄ اسان ڪرپشن جي تباهه ڪن اثرن جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. هي ڏينهن ڪرپشن خلاف جدوجهد، شفافيت ۽ اح??سا?? کي هٿي ڏيڻ لاءِ سڀني قومن جي زميوارين جي ياد ڏياري ٿو. هي ڏينهن پاڪستان سميت گڏيل قومن جي ب??عن??اني جي خاتمي واري ڪنووينشن جي ٻين ميمبر ملڪن طرفان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪرپشن سان عوامي اعتماد مجروح ٿئي ٿو ۽ هي وسيلن جي ضايع ٿيڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي به متاثر ڪري ٿو. اڄ اسان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سخت احتسابي ??دمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ گورننس ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر مملڪت چي?? ته گذريل سالن ۾ پاڪستان ب??عن??اني جي خاتمي جي عالمي فريم ورڪس جي روشني ۾ اهم قدم کنيا ۽ هڪ موثر احتسابي ??ظام قائم ڪيو آهي. جڏهن ته اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي ۽ اسان کي پنهنجي معاشري مان ڪرپشن جي عادت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون. قومي اح??سا?? بيورو نيب ملڪ جو ڪرپشن جي خاتمي وارو اعليٰ ادارو آهي. هن چي?? ته نيب ڪرپشن جي ڪيسن جي جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کانسواءِ ان جي ناڪاري اثرن جي باري ۾ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. روڪٿام ذريعي ڪرپشن جو خاتمو به نيب جي هڪ اهم ذميواري آهي. جڏهن ته ڪرپشن خلاف جنگ ڪنهن هڪ اداري جي ڪوششن سان کٽڻ ممڪن ناهي، ب??عن??اني هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ان جو پيچيدگيون رياست جي سمورن ٿنڀن طرفان موثر ڪوششن ۽ ڪرپشن جي بنيادي سببن تي ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪن ٿيون. صدر چي?? ته ڪرپشن جي خاتمي واري ڏهاڙي جو هن سال موضوع ”نوجوانن سان متحد ٿي ب??عن??اني کان پاڪ مستقبل جي جوڙجڪ“ موجب اهو ضروري آهي ته معاشري جو هر طبقو خاص طور نوان سول سوسائٽي ۽ شهري ب??عن??اني جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪن، کين ب??عن??اني جي خاتمي جي ڪوششن ۾ فعال طور حصو وٺڻ، اح??سا?? جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۽ ب??عن??اني جي خاتمي جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي هر سطح تي ڪرپشن کان پاڪ ڪلچر جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجي اجتماعي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، اسان سڀ گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ٿا ته عوامي ڀلائي لاءِ رکيل وسيلا پنهنجي جائز مقصد لاءِ استعمال ٿين ۽ سمورا شهري شفاف ۽ موثر گورننس جي ثمرن مان فائدو حاصل ڪن. صدر چي?? ته اسان کي شفاف ۽ ديانتداري جو ماحول جوڙڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙي مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻو آهي جتي ڪردار سازي کي اسان جي معاشري ۾ مرڪزي اهميت حاصل هجي.
ڪرپشن کان پاڪ ڪلچر جي جوڙجڪ لاءِ اسان کي گڏيل روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : راکی