اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) چيني تعميراتي ڪمپني اوورسيز ريريزنٽيٽيو آفيس يونين جي ڊائريڪٽر لي پنگ، خيبر پختونخواهه جي ??ور??ر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن خيبر پختونخوا جي ??ور??ر کي سنڌ ۾ اين 5 تي ٿيندڙ تعميراتي ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ??ور??ر ڪمپني جي ڪم کي ساراهيندي چشمه ليفٽ ڪينال ۾ به ڪمپني کي حصو وٺڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته چشمه ليفٽ ڪينال صرف خيبر پختونخوا ئي نه پر ملڪ جو اهم ترقياتي منصوبو آهي جنهن ۾ عالمي معيار جي ڪمپينن جي شموليت ان منصوبي جي جٽادار ۽ ديرپا نتيجن لاءِ انتهائي ضروري آهي. ملاقات ۾ تعميراتي ماهر مشهور ڪاروباري شخصيت شعيب خان به ان سان گڏ هو. جڏهن ته ان کانسواءِ خيبرپختونخواهه جي ??ور??ر فيصل ڪريم ڪنڊي سان مسلم ايڊ جي هيڊ آف آپريشن آصف چشتي پُڻ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ ڪي پي ڪي جي ??ور??ر چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي معاشري ۾ قدر جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. ڪي پي ڪي ۾ ان حوالي سان سماجي فلاحي تنظيمن جي متحرڪ ڪردار جي ضرورت آهي.
خيبر پختونخواهه جي گورنر سان چين جي تعميراتي ڪمپني جي ڊائريڪٽر ۽ مسلم ايڊ جي هيڊ آف آپريشن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز