گڏيل قومون-28 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ??ي جن??ل اسيمبلي جي غير رسمي اجلاس ۾ پاڪستان ۾ گذريل سال ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ٿيل تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. گڏيل قومن ??ي جن??ل اسيمبلي جو هڪ غير رسمي اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ان حوالي سان گذريل سال منظور ڪيل قراردادن تي عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ گهرايو ويو هو جنهن ۾ عالمي برادري کان امداد ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ملڪ جي ڊگهي مدي واري بحالي لاءِ سياسي عزم کي برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، اجلاس ۾ گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جن??ل انتونيوگوتريش، اهم ملڪن جي ??مائندن گذريل ڏينهن پاڪستان لاءِ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جن??ل چيو ته گذريل سال ٻوڏ سبب پاڪستان هڪ ٽيون حصو پاڻي هيٺ اچي ويو هو، ڪيترن ئي علائقن مان جيتوڻيڪ ٻوڏ جو پاڻي لهي چڪو آهي پر متاثر علائقن جي بحالي لاءِ پاڪستان جون ضرورتون بدستور موجود آهن. اجلاس ۾ منظور ڪيل قراردادن ۾ ماحولياتي تبديلين جي ??تيجي ۾ آيل ٻوڏ سبب ٿيل تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ان ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 1700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا ۽ تقريبن 80 لک ماڻهو بي گهر ٿيا، جن مان ڪيترائي ماڻهو اڃان به خيمن ۽ عارضي گهرن ۾ رهي رهيا اهن. اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جن??ل چيو ته اسان هتي پاڪستاني عوام لاءِ گڏ ٿيا آهيون، هن چيو ته آگسٽ 2022ع ۾ پاڪستان جي دوري دوران هن ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو، هن ڏٺو ته انساني زندگيون، گهر، ڪمائي جا ذريعا، اسڪول، اسپتالون سڀ ختم ٿي ويون. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين سبب وڏي پئماني تي ٿيل نقصان کي به ڪڏهن وساري نٿو سگهان. هن چيو ته گذريل جنوري ۾ امير ملڪن طرفان ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي بحالي لاءِ پاڪستان کي 9 ارب ڊالر جن ۾ وڌيڪ قرض جي شڪل ۾ فراهم ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويا هئا جڏهن ته پاڪستان بدستور ان مان وڌيڪ فنڊنگ جو اڃان به انتظار ڪري رهيو آهي ۽ فنڊن جي ??راهمي ۾ دير ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ متاثر انفرااسٽرڪچر جي ??ئين سر تعمير جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهي آهي. انتونيوگوتريش چيو ته ٻوڏ کانپوءِ سڀ کان پهرين پاڪستانين هڪ ٻي جي ??دد ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومون ان وقت پاڪستان سان گڏ بيٺل هئي، هن چيو ته هن وقت تائين گڏيل قومن ??ي 816 ملين ڊالر جي ??وري امداد ۽ تحفظ جي اپيل مان 69 سيڪڙو فنڊز فراهم ڪيا ويا آهن، هي رقم پاڪستان جي ??لڊ ريسپانس پلان لاءِ گهري وئي هئي. گڏيل قومن ??ي سربراهه چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ متاثر علائقن جي ??ئين سر تعمير لاءِ پاڪستان جي جدوجهد ۾ عالمي برادري جو تعاون ماحولياتي انصاف لاءِ لٽمس ٽي??ٽ آهي. پاڪستان کي عالمي برادري طرفان وڏي پئماني تي حمايت جي ضرورت آهي ۽ هو ان جو مستحق آهي، عالمي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود پاڪستاني عوام موسمياتي اثرن سبب مرڻ جا 15 ڀيرا وڌيڪ خطرا درپيش آهن، هن زور ڀريندي چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي ??نفي اثرن جو مقابلو ڪرڻ ۾ اسان جي ??اڪاري ۽ غير منصفاڻي عالمي مالياتي نظام جو ٻٽو شڪار آهي ڇاڪاڻ ته هي نظام وچولي آمدني وارن ملڪن جي ??ڪجهڙائي ۽ سيڙپڪاري ۾ لچڪ لاءِ انتهائي ضروري وسيلن تائين پهچ کان روڪي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??ستقل نمائندي منير اڪرم سيڪريٽري جن??ل جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته هن ٻوڏ کانپوءِ هر طرح سان پاڪستاني عوام جو ساٿ ڏنو، هن پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ متاثر ماڻهن جي عيادت ڪئي، ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي کانپوءِ پاڪستان لاءِ هنگامي امداد جي اپيل ڪئي ۽ ان مقصد لاءِ امداد ڏيندڙ ملڪن کي متحرڪ ڪيو ۽ پوءِ پاڪستان ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن سان ان سلسلي ۾ گڏجي ڪم ڪيو. سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي جنهن ورلڊ بئنڪ ۽ ا??شي?? ڊولپمينٽ بئنڪ جي ??نڊنگ ۽ پنهنجي ??سيلن سان هڪ گهڻ رخي نئين سر تعمير جي حڪمت عملي شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ 20 لک گهرن جي ??ئين سر تعمير، بحالي، پاڻي ۽ زراعت جي تبديلي جو منصوبو شامل آهي ۽ جامع صحت ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي تحفظ جي ??راهمي جي ??ظام کي مضبوط بڻائڻ جا منصوبا به ان ۾ شامل آهن. جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي ٻوڏ متاثر علائقن جي ??ئين سر تعمير لاءِ فور آر ايف پلان تحت 16.3 ارب ڊالر فراهمي جا واعدا ڪيا ويا هئا، ان ۾ نئين سر تعمير ۾ خاص طور تي پاڻي ۽ آپباسي، رستن، ريل جي چرپر ۾ 13.5 ارب ڊالرن جي ??اڳت جي ??نصوبن لاءِ فنڊن جي ??راهمي به شامل هئي. اي پي پي/ر – م/م – ش 16:04
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو غير رسمي اجلاس، پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق