رياض -11 جون (اي پي پي) ??عو??ي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت خادم حرمين شريفين جي پروگرام تحت حج لاءِ ايندڙ 9 ملڪن جي وڌيڪ 145 شاهي مهمانن جي آجيان ڪ??ي آهي. ميڊيا مطابق هن وقت تائين 75 ملڪن جا هڪ هزار 75 شاهي مهمان ??عو??ي عرب پهچي چڪا آهن. ياد رهي ته سڄي دنيا جي 88 ملڪن مان 3 هزار 322 حج پانڌيئڙا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي خصوصي دعوت تي حج جو فرض ادا ڪندا. انهن ۾ ٻه هزار حج پانڌيئڙا فلسطين ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمي شهرين جي وارثن مان هوندا جڏهن ته 22 حج پانڌيئڙا ??عو??ي عرب ۾ ڌار ٿيل سيامي ٻارن جا والدين هوندا. اسلامي معاملن واري وزارت ان پروگرام تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪندي آهي. ??عو??ي اسلامي معاملن واري وزير ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ جي هدايت تي شاهي مهمانن جي خدمت لاءِ قائم ڪميٽيون حج پانڌي??ڙن جي آمد جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، رهائش، کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ کان علاوه ٻيون خدمتون فراهم ڪندا.
هڪ هزار شاهي مهمان حج لاءِ سعودي عرب پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن