اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر جي صدارت ۾ ايندڙ عام چونڊن 2018ع جي حوالي سان اطلاعات جي فراهمي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان هڪ ??عليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو سي??ريٽري يوسف نعيم کوکر، اطلاعات ۽ نشريات واري سي??ريٽري سردار احمد نواز ??کيرا، اليڪشن ڪميشن جي نمائندن ۽ وفاقي حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومتن جي اطلاعات وارن سي??ريٽرين، گهرو سي??ريٽرين ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته بلوچستان جي چيف سي??ريٽري سا?? ٽيليفون تي رابطو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل