پيرس_28 ڊسمبر(اي پي پي) فرانس جي صدر ايما نويل ميڪرون اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ غزه ۾ وڏي تعداد ۾ عام شهرين جي موت ۽ انساني هنگامي صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو، فرانس جي صدارتي محل مان جاري ڪيل بيان موجب اسرائيلي وزيراعظم سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ايما نويل ميڪرون فلسطيني شهرين جي تحفظ لاءِ اسرائيل جي ذميواري،غزه جي ماڻهن کي امداد پهچائ?? جي فوري ضرورت ۽ علائقائي ۽ عالمي شراڪت دران پاران دير پا جنگ لاءِ ڪم ڪر?? جي اهميت تي زور ڀريو، فرانس جي صدر چيو ته ان مقصد لاءِ انهن جو ملڪ ايندڙ ڏينهن ۾ اردن سان گڏجي غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي سرگرميون شروع ڪندو، هن اسرائيل تي زور ڀريو ته هو اولهه ڪناري ۾ فلسطيني شهرين خلاف ي??ود?? آبادڪارن جي تشدد کي روڪڻ لاءِ سمورا ض??وري ??دم کڻي ۽ ڪنهن به ي??ود?? وسندي جي تعمير ??ي نئين منصوبي تي عمل در آمد نه ڪري ڇاڪاڻ ته اهڙا قدم فلسطين جي مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ خطرو آهن.
فرانس جي صدر جو اسرائيلي وزيراعظم کي ٽيليفون، غزه ۾ وڏي تعداد ۾ عام شهرين جي موت تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے