نيويارڪ-11 جنوري (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل قرارداد منظور ڪندي ڳاڙهي سمنڊ ۾ حوثين طرفان بحري جهازن تي حملن جي مذمت ڪئي آه??. اردو نيوز مطابق گذريل ٻن مهينن دوران ڳاڙهي سمنڊ ۾ انهن حملن سبب عالمي واپار ۾ رنڊڪ ۽ علائقائي سلامتي جي حوالي سان خدشن جنم ورتو آه??. سلامتي ڪائونسل حوثين کان مطالبو ڪيو آه?? ته هو حملا بند ڪري جاپاني ڪارگو ڪمپني جي جهاز گليڪسي ليڊر ۽ ان جي عملي جي 25 ڄڻن کي آزاد ڪن. آمريڪا ۽ جاپان طرفان پيش ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آه?? ته عالمي قانونن جو احترام ڪرڻ گهرجي. قرارداد مطابق بحري اچ وڃ ۽ ڪمرشل جهازن کي گذرڻ جي آزادي هئڻ گهرجي. ٻنهي ملڪن قراردادن ۾ چيو ته م??مبر ملڪن کي پنهنجن جهازن کي حملن کان بچائڻ جو حق حاصل آه??.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل