گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن اسرائيل جي يمن جي شهر صنعا تي حملي کي ڳڻتي جوڳو ۽ حوثين سان وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ بيان ۾ چئي آهي. هن چيو ته اسرائيل ۽ يمن جي حوثين وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ صنعا جي عالم?? هوائي اڏي احمر سمنڊ جي بندرگاهن ۽ يمن جي پاور اسٽيشنن تي اسرائيل?? هوائي حملو ڳڻتي جوڳو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب خميس ڏينهن اسرائيل جي صنعا ايئرپورٽ تي حملن دوران صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جو اڳواڻ ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريس اتي موجود ??يو جڏهن ته هو ان حملي ۾ ذري تان بچي ويو ان کان پوِ هن چيو ته ايئرپورٽ تي حملي ۾ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان ٿيو پر هو محفوظ رهيا. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ صحت جي عالمي اداري جي اڳواڻ لکيو آهي ته اسان جي جهاز جي عملي جو هڪ فرد زخمي پڻ ٿيو آهي.
اسرائيل پاران يمن جي شهر صنعا تي حملو مذمت جوڳو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ